تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

دهشتگردي خلاف وفاق ۽ صوبن کي گڏ بيهڻو پوندو: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير   خواجه آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جو بحران آهي، دهشتگردي خلاف وفاق ۽ صوبن کي گڏ بيهڻو پوندو، دهشتگرديءَ جي معاملي تي سياست برداشت نه ڪئي ويندي، افغانستان دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي گارنٽي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ڳالهين لاءِ هڪ وفد ايندڙ هفتي افغانستان موڪلڻ جي تجويز آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر  ۽ جوان شهيد ٿيا، ان مسئلي تي سڀني کي پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ گهرجي، پاڪ فوج آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڻ مڃرايو، ڀارت اڃا تائين پنهنجا زخم پٽي رهيو آهي. هن چيو ته هنن افغانستان کي دهشتگردن جي پناهگاهون ختم لاءِ چيو، افغانستان 10 ارب رپين جو مطالبو ڪندي ٻڌايو ته هو ان رقم  دهشتگردن کي اولهندن صوبن ڏانهن منتقل ڪندا. خواجه آصف چيو ته هنن افغانستان کان ضمانت گهري پر ڪا به ضمانت نه ڏني وئي، هاڻي تجويز آهي ته ڏينهن ٻن ۾ هڪ وفد افغانستان وڃي ڳالهائي ته معاملا برداشت کان ٻاهر ٿي چڪا آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته 60 کان 70 لک افغاني پاڪستان ۾ رهن ٿا، ڪنهن جو ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار ته ڪو ٺيڪيداري ڪري ٿو، ٽن نسلن کان هتي رهندڙ افغاني پاڪستان زنده باد جو نعرو نٿا هڻن، افغان جنهن ٿانوَ ۾ کائن ٿا ان ۾ ئي  سوراخ ڪن ٿا. خواجه آصف چيو ته افغان ڌرتيءَ کان دهشتگردي ٿي رهي آهي، هتي ڪجهه ماڻهو مذمت ڪرڻ کان به لنوائن ٿا. بچاءَ واري وزير چيو ته دهشتگرديءَ جي معاملي تي سياست برداشت نه ڪئي ويندي، دهشتگردي خلاف وفاق ۽ صوبن کي گڏ بيهڻو پوندو. خواجه آصف چيو ته روزانو شهادتون ٿي رهيون آهن، ان تي ڳالهايو وڃي، سياست تي ڳالهيون ٿينديون رهنديون………………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون