- Advertisement -
دوڙ ۾ مهراڻ هاءِ وي تي خوفناڪ حادثي ۾ ٻارِڙي سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
سيٺر اسٽاپ وٽ تيز رفتار مسافر وين ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 مسافر فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمن ۽ مقامي ماڻهن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ترت دوڙ اسپتال منتقل ڪيو.
ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
حادثي ۾ ٺري ميرواهه واسي محمد موسيٰ ٻانڀڻ، فيض گنج واسي علي محمد راڄپر ۽ ٻارڙي مريم سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا………
- Advertisement -
