تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سرفراز ۽ سڪندر بخت جي سليڪشن ڪميٽي ۾ انٽري، اظھر علي ۽ اسد شفيق فارغ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران قومي سليڪشن ڪميٽي ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون آهن، ٻِن اڳوڻن ٽيسٽ ڪرڪيٽرن اظهر علي ۽ اسد شفيق کي سليڪشن ڪميٽي مان فارغ ڪرڻ کانپوءِ انهن جي جاءِ تي هاڻي 2017ع جي چيمپئنز ٽرافي کٽرائيندڙ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ۽ تجزئي نگار سڪندر بخت کي ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب، لاهور ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سرفراز احمد جيڪو هينئر انگلينڊ ۾ آهي، هو وڊيو لنڪ ذريعي شامل ٿيو، جڏهن ته سڪندر بخت کي لاهور گھُرايو ويو هو. اجلاس ۾ هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن، ڪپتان سلمان علي آغا، سليڪٽرز عاقب جاويد ۽ عليم ڊار پڻ شامل هئا، اجلاس ۾ بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۽ آمريڪا ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ميچن لاءِ اسڪواڊ چونڊيو ويو

ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي، اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان هن ڀيري اسڪواڊ جو حصو نه هوندا، جيتوڻيڪ شاهين آفريدي پي ايس ايل ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري پر سندس رويي جون شڪايتون به مليون آهن

سرفراز احمد ۽ سڪندر بخت جي مقرري بابت اڃا تائين پي سي بي طرفان ڪو به باضابطه اعلان نه ٿيو آهي پر آخري ٻئي ڀير اسد شفيق ۽ اظهر علي جي جاءِ تي سرفراز احمد ۽ سڪندر بخت کي سليڪشن ڪميٽي جي اجلاسن ۾ گھرايو ويو هو

سرفراز احمد جي ڪرڪيٽ بابت ڄاڻ ۽ موجوده رانديگرن سان سٺي رويي کي ڏسندي پي سي بي کيس وڌيڪ ذميواريون ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ سرفراز پاڻ به رٽائرمينٽ بعد پي سي بي سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.

سڪندر بخت جنهن کي چيئرمين محسن نقوي جي ويجهن ساٿين مان سمجهيو وڃي ٿو هو به 2003 کانپوءِ پي سي بي سان هڪ ڀيرو ٻيهر ڳنڍجي ويندو. ٻئي طرف، اسد شفيق کي ويمنز سليڪشن ڪميٽي ۽ ڪراچي جي هاءِ پرفارمنس سينٽر جون ذميواريون ملنديون، جڏهن ته اظهر علي کي يوٿ ڊيولپمينٽ سان لاڳاپيل ڪم ڏنو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
46 %
3.7kmh
75 %
اڱارو
18 °
اربع
19 °
خميس
19 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
13 °

تازه ترين خبرون