- Advertisement -
سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان امريڪا جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي.
سعودي ميڊيا شاهي ايوان جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته ولي عهد محمد بن سلمان کي دوري جي دعوت امريڪي صدر ڏني آهي.
ايوانِ شاهي موجب، دوري دوران شهزادو محمد بن سلمان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ مختلف شعبن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
سعودي ميڊيا موجب، وائيٽ هائوس ۾ سعودي ولي عهد جي دوري لاءِ غير معمولي تياريون ڪيون پيون وڃن.
- Advertisement -
