تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سمورين سياسي پارٽين ۾ اتفاق کانسواءِ آئين ۾ ترميم ممڪن ناهي: احسن اقبال

- Advertisement -
ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين ۾ اتفاق کانسواءِ آئين ۾ ترميم ممڪن ناهي، گرين لائن منصوبو ڪراچي لاءِ نواز شريف جو تحفو آهي، ڪي فور رٿا لاءِ به رقم جاري ڪئي ويندي. ڪراچيءَ ۾ گرين لائن منصوبي جي دوري دوران صوبائي وزير ڄام خان شوريَ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته آئين ۾ تبديليءَ لاءِ حڪومت کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت هوندي آهي، ان لاءِ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ويهن ٿيون. هن چيو ته آئيني ترميم کان اڳ ان تي ڳالهائڻ مناسب ناهي، اتفاقِ راءِ پيدا ٿي وڃي ته ترميم ڪرڻ جي ضرورت ئي نه رهندي. احسن اقبال چيو ته سکر کان حيدرآباد موٽر وي هو پنهنجي دور ۾ ئي مڪمل ڪندا، اهو ترجيحي منصوبو آهي، ڪوئيٽا چمن کان ڪراچي شاهراهه کي به ايڪسپريس وي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته پي آءِ ڊي سي ايل، پاڪ پي ڊبليو ڊي جو جانشين ادارو آهي، جيڪو چئني صوبن ۾ وفاقي حڪومت جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، اهو ادارو رڳو سنڌ لاءِ مخصوص ناهي. احسن اقبال چيو ته ڪي ايم سي جو مسئلو رڳو ڪوآرڊينشن بابت هو، وڏي وزير خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجي آفيسر مقرر ڪندو، اميد آهي ته گرين لائن فيز ٽو تي ڪم جلد ٻيهر شروع ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته ڪي فور منصوبو به جلد مڪمل ڪرڻ وفاقي حڪومت جي ترجيح آهي، منصوبي لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا، 140 ارب رپيا لڳائڻ باوجود ان جي ورڇ جو مرحلو مڪمل ٿيڻو آهي، شهر ۾ پاڻي ورهائڻ لاءِ لائن وڇائڻ جو ڪم سنڌ سرڪار ڪندي. احسن اقبال چيو ته پ پ ۽ ن ليگ گڏجي ڪشمير ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سندن موقف ۾ ڪو مونجهارو ناهي، بي اعتمادي رٿ ذريعي ئي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت کي گهر موڪليو ويندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
41 %
0.7kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون