تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنسني خير ميچ کانپوءِ ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 ورلڊ چيمپيئن بڻجي ويو

- Advertisement -
سنسني خير ميچ کانپوءِ ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي 20 ورلڊ چيمپيئن بڻجي ويو. بارباڊوس جي برج ٽائون ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڀارتي ڪپتان روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي اننگز جي شروعات ڪئي ۽ شرما 23 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ رشڀ پنت رنسون ٺاهڻ بنا ۽ سوريه ڪمار ياديو 36 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ويرات ڪوهلي ۽ اڪسر پٽيل ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ گڏيل طور تي 72 رنسون ٺاهيون، اڪسر پٽيل 31 بالن تي 4 ڇڪن جي مدد سان 47 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. ان کانپوءِ ڪوهلي ۽ ڊوبي بيٽنگ کي سنڀاليو پر ڪوهلي 76 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ڀارت مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون. ڪوهلي 76، اڪسر 47 ۽ شيوم ڊوبي 27 رنسون ٺاهيون. ڏکڻ آفريڪا طرفان اينريخ نورڪيا ۽ ڪيشو مهاراج 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ڀارت پاران ڏنل 177 رنسن جي هدف ۾ ڏکڻ آفريڪا جي اننگز جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي ۽ پهرين 2 وڪيٽون 12 رنسن تي ڪري پيون. ڪوئنٽن ڊي ڪڪ ۽ ٽرسٽن ٽبس ٽئين وڪيٽ تي 58 رنسن جي پارٽنرشپ ڪري ٽيم جي پوزيشن کي مستحڪم ڪيو پر ٽرسٽن ٽبس 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ڪوئنٽن ڊي ڪڪ 39 رنسون ٺاهي ڪلديپ کي ڪيچ ڏئي آئوٽ ٿيو، پر ڪلاسن جارحاڻي اننگز کيڏي ۽ 27 بالن تي 5 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 52 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. آخري اوور ۾ ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 16 رنسون گهربل هيون پر سوريا ڪمار ياديو هاردڪ پانڊيا جي بال تي بائونڊري تي ملر جو شاندار ڪيچ ورتو، ان پوءِ واري بال تي 4 رنسون ٺاهيون ويون، پوءِ ٽئين بال تي هڪ رنس ٺاهي وئي، چوٿين بال تي هڪ رن به آيو، پوءِ وائڊ بال ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ربادا پنجين بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو ۽ آخري بال تي هڪ رن ٺاهي وئي. اهڙي طرح ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي 7 رنسن تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ٽي ٽوئنٽي چيمپيئن بڻجي ويو. ڀارت 2007 ۾ ٽي 20 چيمپيئن به بڻيو هو. ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهيون. جسپريت بمرا جي شاندار اسپيل ڀارت کي فتح ڏياري ۽ هن 4 اوورن ۾ 18 رنسون ڏئي 2 بالرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ارشد به 2 وڪيٽون ورتيون…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
46 %
3.7kmh
75 %
اڱارو
18 °
اربع
19 °
خميس
19 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
13 °

تازه ترين خبرون