تازه ترين

سنڌ جي حقن جي حقيقي ترجمان سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي 21 هين  سالگرهه ملهائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا

- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي حقن جي حقيقي ترجمان سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي 21 هين  سالگرهه ملهائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيڪ ڪاٽي سنڌ جي حقن جي ترجماني تي سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

نوابشاهه ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي 21 هين سالگرهه ملهائي وئي.

نوابشاهه پريس ڪلب ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جو ڪيڪ نمرا ۽ ٻين گڏجي ڪاٽيو.

تقريب ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته مٽيءَ ۽ ماڻهوءَ جي سنگم جي نعري هيٺ سنڌ ٽي وي نيوز مظلوم ماڻهو جو مضبوط آواز بڻيل آهي.

جيڪب آباد ۾ سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي جي 21 سالگرهه جي موقعي تي تقريب ڪوٺائي وئي.

21 سالگرهه جي موقعي تي تقريب ۾ ڪيڪ ڪاٽي ويو.

تقريب ۾ سنڌ ٽي نيوز جيڪب آباد جي بيورو چيف اظهر گل سرڪي، واپاري اڳواڻ منصب شيخ، صحافي محمد اسلم گولو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اڳواڻن چيو ته سنڌ ٽي وي نيوز هميشه سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪيو آهي، فاطمه ڦرڙو وارو اشو هجي يا ڪينالن وارو مسئلو هجي سنڌ ٽي وي نيوز پاڻ ملهايو آهي.

هنن چيو ته سنڌ ٽي وي نيوز غريب مسڪين ماڻهن جو سگهارو آواز آهي.

شھدادڪوٽ  ۾ سنڌ ٽي وي  نيٽ ورڪ جي ڪاميابي جي صفر کي 21 سال پورا ڪرڻ تي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.

تقريب ۾ شريڪ اڳواڻن وهاب پندراڻي، آصف لغاري، عبدالغني مجاهد، آصف مگسي، حبدار ميرجت، جاويد اختر ڪمبوه ، رفيق ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ 21 سالن جي سفر ۾ ڏاڍ ۽ جبر سان مهاڏو اٽڪائي  مظلوم ماڻهن جو آواز بڻي آهي.

هنن چيو ته 21 هين سالگرهه جي ڪامياب صفر ڪرڻ تي سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سرواڻ ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر سميت سموري سٿ کي مبارڪون ڏين ٿا.

سنڌ ٽي وي نيٽورڪ کي 21 سال مڪمل ٿيڻ تي فقير آباد ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ايڊوڪيٽ پرويز ڀٽي علي پنهنجي ڪائونسل سان گڏ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

فقير آباد ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين ايڊوڪيٽ پرويز ڀٽي علي چيو ته هو سنڌ ٽي وي نيٽورڪ جي سرواڻ ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر ۽ سموري سٿ کي سلام پيش ڪن ٿا، جن ھر وقت مظلوم ماڻهن جو آواز ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آهي…

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Pakistan
clear sky
27.7 ° C
27.7 °
27.7 °
15 %
5.4kmh
8 %
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °
سُومر
18 °
اڱارو
20 °
اربع
21 °

تازه ترين خبرون