تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ نينگر سميت 5 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ نينگر سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڪرمپور ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ نينگر فوت ٿي ويو آهي. ڳوٺ ارباب خان بجاراڻي ۾ ٽن ورهين جو محمد سميع بجاراڻي راند ڪندي ٽريڪٽر ھيٺان اچي فوت ٿي ويو. هالاڻي ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. قومي شاهراهه تي ڪوچ جو ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ ڪريم داد لاشاري واسي نعيم احمد لاشاري ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. هڱورجا ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. گڏيجي ويجهو قومي شاهراهه تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ نسيم سولنگي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. شهدادپور ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. ڏيٿا چوڪ وٽ ڳوٺ عالم خان بالادي واسي ريڙهي هلائيندڙ پورهيت ابراهيم بالادي مٿان ٽرڪ چڙهي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ پورهيت ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، سندس لاش سمس اسپتال پهچايو ويو. پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. نوري آباد ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. موٽر وي تي ڪار ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ سڳيون واسي صدام حسين ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. حادثي بعد امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال پهچايو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15 ° C
15 °
15 °
29 %
2.8kmh
2 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون