تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪي اين شاهه ۾ ٻن روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ لڌاڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي کوسا برادريءَ جي ڄڃ سان ڀريل ڪوسٽر ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو . فوتين ۾ برڪت ۽ من فقير مڱڻهار شامل آهن. ٻئي حادثي ۾ ٻن ٽريڪٽر ٽرالين ۾ به ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ پورهيت صداقت ڀنگر فوت ٿي ويو. مٺي ڀرسان نئون ڪوٽ روڊ تي ڪوچ جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل موٽرسائيڪل سوار هڪ وڌيڪ نوجوان فوت ٿي ويو، جنهن سبب فوتين جو انگ ٻه ٿي ويو. زخمي ٿيل نوجوان ڪريم پٽ ابراهيم نهڙي اسپتال ۾ دم ڏنو. غوثپور ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي ڳوٺ ملان مينھون لاڙي وٽ تيز رفتار ڊاٽسن سامھون ايندڙ چنگچي رڪشه سان ٽڪرائجي وئي، جنھنجي نتيجي ۾ رڪشه ۾ سوار هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٽيھن ورھين جي مجيدان زال وھاب اوڳاھي ٿڏي تي فوت ٿي وئي. زخمين ۾ بشيران، شھزادي، لالي ۽ رڪشه ڊرائيور عبدالسبحان اوڳاھي شامل آهن. چيلھار ويجهو مٺي کان عمرڪوٽ ويندڙ بس جي ٽڪر ۾ عورت فوت ٿي وئي. ڪوچ جي ٽڪر ۾ 45 ورهين جي خاتون زال سڻڀو ميگهواڙ موقعي تي ئي دم ڏنو. فوتي عورت جو لاش پوليس چيلهار اسپتال کڻائي آئي جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
16.7 ° C
16.7 °
16.7 °
22 %
0.9kmh
100 %
سُومر
16 °
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °

تازه ترين خبرون