تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪي اين شاهه ۾ ٻن روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ لڌاڻ ويجهو انڊس هاءِ وي تي کوسا برادريءَ جي ڄڃ سان ڀريل ڪوسٽر ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو . فوتين ۾ برڪت ۽ من فقير مڱڻهار شامل آهن. ٻئي حادثي ۾ ٻن ٽريڪٽر ٽرالين ۾ به ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ پورهيت صداقت ڀنگر فوت ٿي ويو. مٺي ڀرسان نئون ڪوٽ روڊ تي ڪوچ جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل موٽرسائيڪل سوار هڪ وڌيڪ نوجوان فوت ٿي ويو، جنهن سبب فوتين جو انگ ٻه ٿي ويو. زخمي ٿيل نوجوان ڪريم پٽ ابراهيم نهڙي اسپتال ۾ دم ڏنو. غوثپور ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي ڳوٺ ملان مينھون لاڙي وٽ تيز رفتار ڊاٽسن سامھون ايندڙ چنگچي رڪشه سان ٽڪرائجي وئي، جنھنجي نتيجي ۾ رڪشه ۾ سوار هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٽيھن ورھين جي مجيدان زال وھاب اوڳاھي ٿڏي تي فوت ٿي وئي. زخمين ۾ بشيران، شھزادي، لالي ۽ رڪشه ڊرائيور عبدالسبحان اوڳاھي شامل آهن. چيلھار ويجهو مٺي کان عمرڪوٽ ويندڙ بس جي ٽڪر ۾ عورت فوت ٿي وئي. ڪوچ جي ٽڪر ۾ 45 ورهين جي خاتون زال سڻڀو ميگهواڙ موقعي تي ئي دم ڏنو. فوتي عورت جو لاش پوليس چيلهار اسپتال کڻائي آئي جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
4.2 ° C
4.2 °
4.2 °
23 %
1.8kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
15 °
آچر
16 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون