- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ پيرسن عورت سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
سن ويجهو قبي شاخ وٽ ڇڇڙ ايٽ سن ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي روڊ تي ٽرالر جو بيٺل رڪشا کي پويان ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ پيرن عورت ڀيلو چانڊيو فوت ٿي وئي، 7 مسافر زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ شمشاد چانڊيو، هدايت خاتون هليو، نور بانو چانڊيو، گل حسن چانڊيو، بخشل هليو، حميده خاصخيلي ۽ ويرمو ڪولهي شامل آهن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گاڏيون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
نوابشاهه ۾ مهراڻ هاءِ وي زيرو پوائنٽ وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ لمس يونيورسٽي ڄامشورو جو فلسطيني شاگرد ينال الحماد فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 شاگرد زخمي ٿي پيا.
قاضي احمد ويجهو نيشنل هاءِ وي تي مشاخ اسٽاپ وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 8 مسافر زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
زخمي مسافرن ۾ نسيم بي بي، محمد يوسف، روزينا، عليما بي بي ۽ ٻيا شامل آهن.- Advertisement -
