تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِاحتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري، نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف، پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازيابيءَ لاءِ جي ڊبليو سي، سياسي سماجي تنظيمن ۽ قلم ڌڻين پاران احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ڪنري ۾ پريا ڪماري سميت گم ٿيل ٻارن جي بازيابي، نينگري فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم تعلقي اڳواڻ رمضان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڪوٽڏيجي ۾ قلم ڌڻين ۽ شهرين پاران جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽ بنگلو ۾ ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

وارهه ۾ صحافي جان محمد مهر ۽ فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ عرفان منان کاهوڙي، غلام مصطفيٰ ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ٽنڊي آدم ۾ جي ڊبليو سي جي سڏ تي صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪنڊيارو ۾ جسقم پاران شهيد صحافي جان محمد مهر، اصغر کنڊ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ   ڪارڪنن پاران اسٽار چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

وڳڻ ۾ ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران جي ايم وڳڻ، رکيل ٻرڙو، شبير ديشي جي اڳواڻي ۾پراڻي بس اسٽاپ کان مک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

مٺياڻي  ويجهو ٺٽ ڳوراهو ۾ جسقم پاران ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي، شهيد جان محمد جي قاتلن جي گرفتاري ۽ راڻيپور ۾ قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ صوفي خالد چنا، سرائي ظفر کوکر ، زاهد پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مرزا پور ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هاري جدوجهد ڪميٽي ۽ ريلوي ورڪرز يونين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪنب ۾ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين ۽ شهرين پاران احمد رند، اوشاق ڄامڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

دولتپور صفن ۾ صحافي جان محمد مهر ۽ راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ تشدد ۾ قتل ٿي ويل نينگري فاطمه ڦرڙو جي  قاتلن جي گرفتاري لاءِ وڪيلن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن محبوب جوکيو، ايڊوڪيٽ آفتاب علي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڄام صاحب ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي پريا ڪماري جي بازيابي ڪارڪنن پاران معشوق ڏاهري ، عزيز الله ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته صحافي جان محمد مهر ۽ فاطما ڦرڙو واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

هنن چيو ته جان محمد مهر جو قتل قلم ڌڻين ۽ انسانيت جو قتل، حق سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش آهي، پيراڻي حويلي ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو جو تڙپي تڙپي فوت ٿي انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهھ آھي.

سندن چوڻ هو ته پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل ٻارڙن جي بازياب ڪرائي ملوث سمورن جوابدارن ۽ مددگارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار، نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف ۽ پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل ٻارڙن کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
21 %
3.6kmh
98 %
اڱارو
24 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون