تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. دادو شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو. برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي پيو، جڏهن ته بجلي جي فراھمي معطل ٿي وئي شھدادڪوٽ شهر ۾ تيز هوا  ۽ گجگوڙ سان برسات جو وسڪارو ٿيو. تيز هوا سبب دوڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي ميھڙ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ گجگوڙ سان گڏ تيز ڀرسات جو وسڪارو ٿيڻ بعد هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي وارھه ۽  ڀرپاسي جي علائقن ۾  تيز هوا سان وسڪارو ٿيو، جڏهن ته شهر جي هيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. روهڙي شهر ۽ ڀرپاسي وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. برسات کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. ڪوٽڏيجي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو. برسات سبب هٺائي وارن علائقن ۾ پاڻي بهجي ويو، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿيڻ سبب رهواسين کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو . برسات سبب کجي ۽ وونئڻن جي فصلن کي نقصان پهچڻ سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. بوزداروڏا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون