تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف احتجاجي ريليون

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ننگرپارڪر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌ هاري تحريڪ طرفان ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ڪارونجهر بچايو، سنڌ بچايو جي عنوان سان روپلو ڪولهي جي يادگار کان مسڪين جهان خان چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. نصير آباد ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ نيلامي خلاف حفيظ تنيو، علي گوهر، وحيد ۽ ٻين شاهه لطيف پارڪ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڪارونجهر جبل قومي اثاثو ۽ ٿرپارڪر جي فطري سونهن آهي جنهن تي نيشنل پارڪ ٺاهي سياحن جي سهولت لاءِ قدم کنيا وڃن. هنن چيو ته ڪارونجهر ۾ سندن ساهه آهي، پ پ حڪومت قومي ورثا نيلام ڪري رهي آهي جيڪا سنڌ دشمن سازش آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ نيلامي ختم ڪري ڪارونجهر کي عالمي ورثو قرار ۽ سنڌ اسيمبلي ايڪٽ ذريڳي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون