- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي ۾ واڌ ٿي وئي آهي، نظر جي حد گهٽجي وئي، ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪيتريون ئي اڏامون ۽ ٽريفڪ رواني متاثر رهي.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن، ايئرپورٽ، ملير، زراق آباد، گلشن حديد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي.
ڪوهيڙي سبب ڏيهي ۽ پرڏيهي اڏامون متاثر ٿيون ۽ ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي.
ٺٽي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي.
مٽياري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجڻ کانپوءِ موٽروي پوليس پاران فوگ لائيٽون لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي.
گهاري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.
اڏيرو لال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي.
ٽنڊي باگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.
موٽر وي پوليس طرفان ڪوهيڙي ۾ گاڏين جون فوگ لائيٽون استعمال ڪرڻ ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جيئن روڊ حادثن کان بچي سگهجي…….
- Advertisement -
