- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر طرفان غزا ۾ اسپتال تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ آهي ته غزا جي اسپتال تي اسرائيلي حملي تي کيس ڏک پهتو آهي.
سندس چوڻ هو ته مختلف مذهبن ۽ ثقافتن جا ماڻهو انسانيت جي گڏيل ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته هو اسرائيل پاران فلسطينين جي نسل ڪشي جي مذمت ڪن ٿا- Advertisement -
