تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته مهم 9 فيبروري تائين جاري رهندي، صوبي ۾ پنجن ورهين کان ننڍي عمر جي هڪ ڪروڙ 6 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وال آف هيروز تي صحي به ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته مهم 9 فيبروري تائين جاري رهندي، صوبي ۾ پنجن ورهين کان ننڍي عمر جي هڪ ڪروڙ 6 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. هن چيو ته 82 هزار فرنٽ لائن پوليو ورڪر گهر گهر وڃي ٻارن کي ويڪسين ڏيندا، پوليو ورڪرن جي حفاظت لاءِ 21 هزار 844 سڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، مهم ۾ پوليس جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان هاڻي دنيا جي رڳو ٻن ملڪن ۾ شامل آهي جتي پوليو وائرس موجود آهي، گذريل سال ملڪ ۾ 73 پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيا، جن ۾ 22 سنڌ جا آهن. هن چيو ته هلندڙ سال جو پهريو ڪيس ڪي پي جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ رپورٽ ٿيو، ماحولياتي نمونن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي تصديق ٿي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پوليو ٽيمن کي ڌمڪائڻ يا ڪم ۾ رنڊڪ وجهندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليو ورڪر  ٻارن جي مستقبل جا محافظ آهن، کين عزت ڏني وڃي، والدين پوليو ورڪرن سان سهڪار ڪن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان کي پوليو فري بڻائڻ ۾ هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، سنڌ سرڪار پوليو جي مڪمل خاتمي ۽ هر ٻار کي موذي مرض کان محفوظ رکڻ لاءِ سرگرم آهي. چيف سيڪريٽري طرفان هڪ پرفارمنس اسڪور ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو. پرفارمنس ڪارڊ تحت بهترين ضلعن جي حوصلا افزائي ۽ ڪمزور ضلعن جي جوابدهي ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
10 %
4.1kmh
52 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون