- Advertisement -
سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گل پلازه ۾ لڳل باهه بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، وڏي وزير جي بحالي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير گل پلازه ۾ لڳل باهه تي کيس ڏک آهي، جاني نقصان جو مطلب آهي ته ڪيترائي خاندان متاثر ٿيا آهن، سمورا متاثر هلندڙ ڪاروبار کان هڪ رات ۾ بيروزگار ٿي ويا.
مراد علي شاهه چيو ته هو چاهن ٿا ته سمورن متاثرن جي بحالي ٿئي ان جو فيصلو ڪرڻو آهي، گل پلازه ۾ 12 سئو دڪان ٻڌايا پيا وڃن مطلب 12 سئو متاثر آهن، گل پلازه جي سمورن متاثرن جي بحالي ڪئي ويندي.
ڪمشنر ڪراچي گل پلازه سانحي بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.
اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته گل پلازه مان 14 لاش ڪڍيا ويا آهن، لڳ ڀڳ 50 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي سگهن ٿا، باهه وسامي چڪي آهي ۽ هاڻي ڪولنگ جو عمل جاري آهي.
سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪندي چيو ته گل پلازه جي ڍير کي هٽائڻ جو ڪم فوري طور شروع ڪيو وڃي.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته 16 فائر ٽينڊرن ۽ بائوزر باهه وسائڻ جو ڪم ڪيو، 50 کان 60 فائر فائيٽرن آپريشن ۾ حصو ورتو، واٽر بورڊ باهه وسائڻ لاءِ واٽر ٽينڪر فراهم ڪيا.
بحالي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گل پلازه ۾ لڳ ڀڳ ڇنڇر جي رات 10 لڳي 36 منٽن تي باهه لڳي، گل پلازه 8 هزار اسڪوائر گز تي ٺهيل ۽ 12 سئو دڪان هئا.
هن چيو ته ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو 6 منٽن ۾ پنهنجي ايمبولينس گل پلازه پهچائي، ريسڪيو جو ڪم ڪي ايم سي ۽ نيوي جي مجموعي طور 24 فائر ريسڪيو وهيڪلز حصو ورتو.
واپارين گل پلازه بابت وڏي وزير کي مختلف تجويزون ڏنيون.
سمورا واپاري نمائندا ان ڳالهه تي متفق آهن ته دڪاندارن کي بحال ڪيو وڃي.
واپارين تجويز ڏيندي چيو ته دڪاندارن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي ته جيئن روزگار شروع ڪن.
سنڌ جي وڏي وزير اعلان ڪندي چيو ته گل پلازه جي عمارت کي ٻيهر ٺاهيو ويندو، هو ڪهڙي طرح گل پلازه جي متاثرن کي فوري دڪان ڏئي ڪاروبار شروع ڪرائي سگهن ٿا ان بابت ڪميٽي ٺاهي آهي.
مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت باهه لڳڻ جي فارنزڪ رپورٽ ڪرائيندي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته باهه ڪيئن لڳي.
سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪندي چيو ته فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي چيف سيڪريٽري نوٽيفاءِ ڪري.
اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته گل پلازه ۾ شهيد ٿيل فائر فائيٽر جو والد به فائر فائيٽر هو ۽ اهو به شهيد ٿيو هو.
مراد علي شاهه چيو ته هو گل پلازه واقعي ۾ شهيد ٿيلن جي خاندانن کي فوري معاوضو ڏيڻ چاهن ٿا.
سنڌ جي وڏي وزير گل پلازه متاثرن لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ڪميٽي معاوضي جي رقم ۽ متاثرن جي بحالي بابت سفارشون ڏيندي.
ڪميٽي ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڪمشنر ڪراچي شامل آهن.
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته واپارين جي صلاح مشوري سان بحالي جو ڪم ڪيو ويندو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي بابت بار بار رابطو ڪري ڄاڻ حاصل ڪري رهيا آهن، پ پ قيادت چاهي ٿي ته گل پلازه جي واپارين کي فوري طور بحال ڪيو وڃي.
مراد علي شاهه چيو ته ڊگهي مدي واري فائر فائيٽنگ ۽ ٻين حفاظتي قدمن جو مڪمل پلان ڏئي ڪري عمل ڪرايو ويندو، جن عمارت ۾ ايمرجنسي رستا ۽ فائر الآرم ناهن انهن کي يقيني بڻايو وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير صوبائي وزيرن کي هدايت ڪئي ته گل پلازه جي فوتين جي گهر وڃي وارثن سان تعزيت ڪن.- Advertisement -
