تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت 35 هين نيشنل گيمز جي تيارين کي قطعي شڪل ڏئي ڇڏي آهي

- Advertisement -
راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اولپمڪ ايسوسيئشن 6 ڊسمبر تي ٿيندڙ 35 هين نيشنل گيمز جي تيارين کي قطعي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، گيمز جو افتتاح پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو. سنڌ حڪومت جي هاءِ ليول ڪميٽي جو 35 هين نيشنل گيمز 2025 جي تيارين بابت راندين واري وزير صوبائي محمد بخش مهر ۽ ثقافت کاتي جي وزير ذوالفقار شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي، ڊي جيز معيز احمد پيرزاده، حبيب الله ميمڻ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه، ڊي آءِ جي اوڀر سميت مختلف کاتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزيرن نيشنل اسٽيڊيم ۽ ڪي ايم ڪراچي سوئمنگ پول جو به دورو ڪيو ۽ افتتاحي تقريبن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ نيشنل گيمز جي افتتاحي تقريب جي تيارين ۽ سڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ افتتاحي تقريب جي شرڪت ڪندڙن لاءِ پارڪنگ پلان تي به بريفنگ ڏني وئي. ٽرانسپورٽ کاتي جي عملدارن بريفنگ ڏني ته 6 کان 13 ڊسمبر تائين عورت رانديگرياڻين لاءِ پنڪ بس فراهم ڪئي ويندي. ڊي آءِ جي پير محمد شاهه چيو ته ٻين صوبن مان ايندڙ رانديگرن ۽ مهمانن سان گڏ ٽريفڪ پوليس جا فوڪل پرسن مقرر هوندا. راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته 6 ڊسمبر جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي رجسٽريشن ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته افتتاحي تقريب ۾ سڪيورٽي انتهائي سخت هوندي ۽ سمورن ادارن کي مڪمل سهڪار ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اولپمڪ ايسوسيئشن 6 ڊسمبر تي ٿيندڙ 35 هين نيشنل گيمز جي تيارين کي قطعي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ذوالفقار شاهه چيو ته ثقافت کاتو نيشنل گيمز جي تقريبن ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪندو. هن چيو ته گيمز جي تيارين ۽ سرگرمين جي حوالي سان سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مهم تيز ڪئي وڃي……………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.9 ° C
18.9 °
18.9 °
18 %
2.6kmh
99 %
سُومر
19 °
اڱارو
23 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °

تازه ترين خبرون