- Advertisement -
راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اولپمڪ ايسوسيئشن 6 ڊسمبر تي ٿيندڙ 35 هين نيشنل گيمز جي تيارين کي قطعي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، گيمز جو افتتاح پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪندو.
سنڌ حڪومت جي هاءِ ليول ڪميٽي جو 35 هين نيشنل گيمز 2025 جي تيارين بابت راندين واري وزير صوبائي محمد بخش مهر ۽ ثقافت کاتي جي وزير ذوالفقار شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي، ڊي جيز معيز احمد پيرزاده، حبيب الله ميمڻ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهه، ڊي آءِ جي اوڀر سميت مختلف کاتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
صوبائي وزيرن نيشنل اسٽيڊيم ۽ ڪي ايم ڪراچي سوئمنگ پول جو به دورو ڪيو ۽ افتتاحي تقريبن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ نيشنل گيمز جي افتتاحي تقريب جي تيارين ۽ سڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ افتتاحي تقريب جي شرڪت ڪندڙن لاءِ پارڪنگ پلان تي به بريفنگ ڏني وئي.
ٽرانسپورٽ کاتي جي عملدارن بريفنگ ڏني ته 6 کان 13 ڊسمبر تائين عورت رانديگرياڻين لاءِ پنڪ بس فراهم ڪئي ويندي.
ڊي آءِ جي پير محمد شاهه چيو ته ٻين صوبن مان ايندڙ رانديگرن ۽ مهمانن سان گڏ ٽريفڪ پوليس جا فوڪل پرسن مقرر هوندا.
راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته 6 ڊسمبر جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي رجسٽريشن ڪري ڇڏي آهي.
هن چيو ته افتتاحي تقريب ۾ سڪيورٽي انتهائي سخت هوندي ۽ سمورن ادارن کي مڪمل سهڪار ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اولپمڪ ايسوسيئشن 6 ڊسمبر تي ٿيندڙ 35 هين نيشنل گيمز جي تيارين کي قطعي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
ثقافت کاتي جي صوبائي وزير ذوالفقار شاهه چيو ته ثقافت کاتو نيشنل گيمز جي تقريبن ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪندو.
هن چيو ته گيمز جي تيارين ۽ سرگرمين جي حوالي سان سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص مهم تيز ڪئي وڃي……………..
- Advertisement -
