تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار طرفان وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيندي الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت جو کاڌ خوراڪ وارين شين تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت خاص مددگار وقار مھدي ۽ بيورو آف سپلائي جي اسپيشل اسسٽنٽ عثمان ھنڱورو جي صدارت ٿيو، جنهن ۾ زراعت واري سيڪريٽري سھيل احمد قريشي، ڊي جي بيورو آف سپلاءِ شاڪر قيوم خانزاده ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ منافع خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کڻڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي خاص مددگار وقار مهدي چيو ته سنڌ حڪومت منافع خورن خلاف ڪارروائي لاءِ الڳ ٿاڻا قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. بيورو آف سپلاءِ جي اسپيشل اسسٽنٽ عثمان ھڱورو چيو ته ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، سڀني گودامن کي رمضان کان اڳ رجسٽرڊ ڪيو ويندو ۽ بچت بازارن ۾ ضروري شين جا خاص اسٽال لڳايا ويندا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مارڪيٽن جي نگراني لاءِ خاص ڊيوٽيون لڳايون وينديون ۽ عام ماڻهن جي شڪايتن جو فوري طور ازالو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ميون ۽ سبزين جي قيمتن جي فهرست دڪاندارن وٽ لازمي قرار ڏني وئي. عثمان هڱورو جو چوڻ هو ته ٿاڻن جو اختيار سموري سنڌ ۾ ھوندو ۽ ٿاڻا منافعي خورن خلاف ڪارروائي جامجاز ھوندا، نون ٿاڻن تي بيورو آف سپلائي کاتي جا انسپيڪٽر ۽ پوليس اھڪار شامل ھوندا. هن چيو ته ڪراچي ۾ 3 ھفتن دوران 272 يونٽس جو دورو ڪري 5 لک 36 ھزار روپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
13 ° C
13 °
13 °
14 %
3.2kmh
86 %
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
21 °
سُومر
21 °
اڱارو
15 °

تازه ترين خبرون