- Advertisement -
سنڌ سرڪار منشيات جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ شين خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته معاشري ۾منشيات جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي صدارتي هيٺ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جو اجلاس ٿيو.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ دڪاندارن کي هدايت ڪئي ته ايڪسائيز کاتي جي عملدارن سان سهڪار ۽ منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ ٻيون شيون وڪرو ڪرڻ کان پاسو ڪن.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ هدايت ڪئي ته ڪنهن به خانگي جاءِ، گهر، هوٽل يا ريسٽورينٽ تي منشياف وڪري جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وڃي.
هن هدايت ڪندي چيو ته ايڪسائيز عملدار منشيات جي وڪري جي اطلاع تي اعليٰ قيادت جي منظوري بعد ڪنهن به خانگي جاءِ، گهر، ريسٽورينٽ تي ڇاپو هڻي سگهن ٿا.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته معاشري ۾منشيات جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي آهي، ملڪ جا نوجوان متاثر ٿي رهيا آهن.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ هدايت ڪئي ته منشيات خلاف آپريشنز ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي.
هن عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته ايڪسائيز جي موبائلن کي مڪمل طور فعال ب؟اي اهم هنڌن تي چوڪيون قائم ڪيون وڃن.- Advertisement -
