سنڌ هاءِ ڪورٽ  ايس بي سي اي جا اختيار هڪ ئي آفيسر کي ڏيڻ بابت سنڌ حڪومت کي قانونسازي ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
521

سنڌ هاءِ ڪورٽ  ايس بي سي اي جا اختيار هڪ ئي آفيسر کي ڏيڻ بابت سنڌ حڪومت کي قانونسازي ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ  ايس بي سي اي جا اختيار هڪ ئي آفيسر کي ڏيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته ايس بي سي جي، چارج هڪ ئي ماڻهو کي ڏئي کيس بادشاهه بڻايو ويو آهي.

عدالت چيو ته هڪ ماڻهو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ڊي جي ٿي صوبي جو مالڪ بڻيل آهي.

سرڪاري وڪيل چيو ته 2020ع تائين ايس بي سي اي وٽ هڪ اوورسيز ڪميٽي هئي، جيڪا سڀني معاملن کي ڏسندي هئي، مدو پورو ٿيڻ بعد ڪميٽي فعال نه ٿي سگهي آهي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ايس بي سي گورننس باڊي يا اوور سيز ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ قانون ساز ڪرڻ چاهي ٿي.

عدالت چيو ته قانونسازي ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ڊي جي ايس بي سي اي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here