تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون کي غيرقانوني زمين الاٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون کي غيرقانوني زمين الاٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيندي نيب ڪورٽ جا جاري ڪيل نوٽيس به معطل ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ 17 هزار ايڪڙ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ سميت سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي طلبي وارو نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو. عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي گرفتار نه ڪيو وڃي. درخواستگذارن جي وڪيل بئريسٽر ضمير گهمرو عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته نيب قانون ۾ ترميم کانپوءِ سندن خلاف ريفرنس جو ڪو جواز نه ٿو رهي. شرجيل ميمڻ جي وڪيل راج علي واحد دليل ڏنو ته نيب کي درخواستگذارن جا نالا ريفرنس ۾ شامل ئي نه ڪرڻ گهرجن ها. قائم علي شاهه جي وڪيل بيرسٽر ضمير احمد گھمرو عدالت کي آگاهه ڪيو ته درخواستگذارن کي احتساب عدالت جو سمن ملي چڪو آهي. وڪيل راج علي واحد دليل ڏيندي چيو ته ڪنهن به عوامي عهدي تي فائز شخص خلاف نيب ريفرنس لاءِ ضروري آهي ته ان کي مالي فائدو حاصل ٿيو هجي، بغير مالي فائدي جي ڪنهن به عوامي عهدي تي ويٺل فرد کي شامل نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته خانگي ماڻهن کي ڪنهن پبلڪ آفيس هولڊر سان ملي فراڊ ڪري، ته ان کي ريفرنس ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، پر درخواستگذار سرڪاري ملازم ناهن، اهي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر آهن. وڪيل کان جسٽس ڪي ڪي آغا سوال ڪيو ته ڇا اوهان احتساب عدالت جي دائري اختيار کي چئلينج ڪيو آهي؟ عدالت نيب پراسيڪيوٽر، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي، ڪيس جي ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
13 ° C
13 °
13 °
14 %
3.2kmh
86 %
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
21 °
سُومر
21 °
اڱارو
15 °

تازه ترين خبرون