تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر  سيد زين شاهه پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جي بيان جي سخت مذمت

- Advertisement -
سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر  سيد زين شاهه پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جي بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڻي به اسان جو آهي ۽ پئسو به اسان جو آهي، پنجاب ماضي ۾ پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻندو رهيو آهي. ڄامشوري ۾ ايس يو پي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد زين شاهه چيو ته پيپلزپارٽي  کي مريم نواز تي تنقيد ڪرڻ بدران 8 جولاءِ تي ڪينالن جو معاملو ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي رد ڪرائڻ گهرجي. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي جدو جهد ذريعي ڪينال جي مسئلي تي حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو ۽ جيڪڏهن ٻيهر سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي امن بدران هڪ ڪاروباري ڊيل آهي، پرڏيهي پاليسي تحت، اسان جون زمينون پرڏيهين کي ڏنيون ويون. زين شاهه چيو ته ملڪ جي سيڪيورٽي جي تحت هڪ پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ گهرجي جيڪا عوام جي ڀلائي لاءِ هجي. هن چيو ته هو پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي تي هڪ ڏهائي  3 ارب ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿو، ايندڙ مهيني ٿيندڙ اين ايف سي اجلاس ۾ ڪا به تبديلي قبول نه ڪئي ويندي. زين شاهه چيو ته معدنيات ۽ مائنز صوبائي ملڪيت آهن، جن تي وفاق کي پرڏيهي ڪمپنين سان معاهدا ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي. سيد زين شاهه چيو ته ٽيڪس سنڌ جي تعمير ۽ ترقي تي خرچ ڪيا وڃن، وفاقي حڪومت پاران سنڌ مان برآمد ٿيندڙ گئس، تيل، ڪوئلي ۽ معدنيات تي قبضي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. زين شاهه چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هڪ ڪاروباري اداري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سنڌ يونائٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران سيمينار ۽ احتجاج جاري رکيو ويندو…………………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
31 %
3kmh
64 %
ڇنڇر
18 °
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون