- Advertisement -
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي عورت جي آزادي سنڌ جي خوشحالي جي سري هيٺ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون وڌيڪ تيز ٿي ويون آهن.
قمبر ۾ حسن علي هڪڙو ميموريل هاءِ اسڪول ۾ عورت جي آزادي سنڌ جي خوشحالي سري هيٺ شاندار ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ اسڪولي شاگردن، شاگردياڻين والدين ۽ ٽيچرس قومي ثقافتي ويس وڳا پائي شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي گيتن تي ٽيبلوز ڪري خوب داد حاصل ڪيو ۽ تقريرون پڻ ڪيون ويون.
جيڪب آباد ۾ ايس ٽي پي طرفان سنڌ ٽي وي جي سڏ تي عبدالمجيد سرڪي، عبدالڻبي مگسي، نظام سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.
مٺي پرائيويٽ فيوچر هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام ڪوٺايو ويو، اسڪولي ٻارڙن طرفان مختلف قسمن جا ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، شاگردياڻين سهڻا تون نه وڃ لاڙ لوڪ گيت تي بهترين ٽيبلو پيش ڪري داد وصول ڪيو.
سجاول ۾ ايس ٽي پي طرفان جمن سنڌي، پرويز سنڌي، ممتاز لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي جاڳرتا لاءِ ملاح چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.
چونڊڪي جي پوجا پبلڪ اسڪول ۾ عورت جي آزادي سنڌ جي خوشحالي جي سري هيٺ ثقافتي پروگرام ڪوٺايو ويو.
ثقافتي پروگرام ۾ شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ والدين اجرڪ ۽ سنڌي ثقافتي لباس اوڍي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪري، تقريرون ڪري ۽ ڳجهارتون ڏئي ويٺلن کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
نندو ۾ ثقافتي حوالي سان محفل موسيقي جي تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ ڀلوڙ سگهڙن فقير قلندر بخش جمالي، فقير مهر علي جمالي، شڪيل احمد جت ۽ ننڍڙي سگهڙ الهڏنو ملاح، شاهه لطيف، منشي ابراهيم، آڪاش انصاري ۽ ٻين جي شاعري ٻڌائي پنڊال ۾ واهه واهه ڪرائي ڇڏي.
ناليواري فنڪار حميد انصاري سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير معيار او يار ڪلام ڳائي ويٺلن کي جهمريون هڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
فريد آباد ۾ قائم جتوئي هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي گيت ڳائي ڌرتي ۽ سنڌي ثقافت بابت شاعري ٻڌائي داد وصول ڪيو.
وارهه ۾ گرلس هائير سڪنڊري اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام ڪوٺايو ويو، شاگردياڻيون ۽ ماسترياڻيون ثقافتي ويس وڳا پهري شريڪ ٿيون، شاگردياڻين طرفان قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون.
اوٻاوڙو ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ ڳوٺ خميسو چاچڙ جي محمدي پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، شاگردن طرفان قومي گيتن تي جهمريون هڻي سنڌي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
کورواهه ۾ اسڪول آف ليڊر شپ پاران شاندار ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، شاگردن توڙي استادن اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون پهري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي.
گهوڙاٻاري ۾ رائزپ پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام ڪوٺايو ويو، شاگردن طرفان ٽيبلو پيش ڪيا ويا ۽ تقريرون پڻ ڪيون ويون.- Advertisement -
