تازه ترين

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن نتيجن ۾ ڦير ڦار واري معاملي جي ترديد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن نتيجن ۾ ڦير ڦار واري معاملي جي ترديد ڪري ڇڏي آهي،  ڪميشن جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته ڪجهه غير ضروري عنصرن سوشل ميڊيا تي بدنيتي تي ٻڌل الزامن جي مهم هلائي، پر اهڙي الزامن بابت ڪوبه ثبوت نه ڏنو ويو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو ته سياسي شخصيتن سان گڏ فقط ڪجهه ماڻهن جون تصويرون پوسٽ ڪرڻ ڪنهن قسم جي ڪارروائي لاءِ ڪافي ناهي، ڇاڪاڻ ته هر پاڪستاني شهري کي آزاداڻي چرپر ۽ راءِ جي آزادي جو حق حاصل آهي. هن چيو ته ميونسپل آفيسر لاءِ لکت واري امتحان ۾ 1440 اميدوار پاس ٿيا ۽ انهن کان ورتل انٽرويو ۾ فقط 418 اميدوارن لکت ۽ انٽرويو ۾ گهربل مارڪس حاصل ڪيون، جنهن تي کين ڪامياب قرار ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته اميدوارن پاران گهربل مارڪون حاصل نه ڪرڻ تي ڄاڻايل 46 آساميون ڀرجي ناهن سگهيون جيڪو ايس پي ايس سي جي شفافيت کي ظاهر ڪري ٿو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري موجب ميونپسل آفيسرن جي آسامين لاءِ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن مان 82 اميدوارن ٽائون آفيسر جو لکت ۾ امتحان به پاس ڪيو آهي، ان کانسواءِ 72 ڪامياب اميدوارن اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ جي اي ايس ٽي، پي ايس ٽي جي آسامين لاءِ آئي بي اي سکر پاران ورتل لکت وارو امتحان پڻ پاس ڪيو آهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
9 %
7.6kmh
67 %
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون