تازه ترين

سنڌ ۾ سارين ۽ ڦٽيءَ جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف احتجاج

- Advertisement -
سنڌ ۾ سارين ۽ ڦٽيءَ جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن. هڱورڪا ۾ ڦٽين جي سرڪاري اگھه ساڍا 8 ھزار رپيا في مڻ تي عمل نه ٿيڻ خلاف آبادگار ۽ ھاري روڊن تي نڪري آيا. آبادگارن ۽ ھارين پاران جمال کهڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته سرڪاري اگھه تي ڦٽيون خريد نه ٿيون ڪيون وڃن، ضلعي انتظاميا واپارين سان ٻٽ بڻيل آھي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري اگهه تي ڦٽيون خريد نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ڪنڌڪوٽ ۾ آبادگارن پاران سارين جو اگهه نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. بلڙي شاهه ڪريم ۾ به سارين جو اگهه گهٽائڻ ۽ ناجائز ڪٽوتي خلاف قومي عوامي تحريڪ ۽ آبادگار اتحاد جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. اشرف پليجو، انور نوحاڻي، زاھد خان رند، اعظم خان رند ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شھيد بلو پنھور چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته واپارين هڪ هٽي قائم ڪري سارين جا اگهه گهٽائي ڇڏيا ۽ ناجائز ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سارين جا اگهه وڌائي ناجائز ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
13 %
4.4kmh
59 %
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون