- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺٽي ۾ پوليو رضاڪارن سان بدتميزي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر حيدرآباد کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته هو پوليو ورڪر سان ڪنهن به قسم جو خراب ورتاءُ برداشت نه ڪيو ويندو، پوليو ورڪر سندس ۽ قوم جا سپاهي آهن.
هن چيو ته پوليو ورڪر قوم جي مستقبل کي معذوري کان بچائڻ لاءِ در در وڃن ٿا، انهن جا احسان مڃڻ بدران ماڻهن انهن سان خراب ورتاءُ ڪن ٿا، جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي.
وڏي وزير چيو ته پوليو ورڪر جي حفاظت انتظاميا، پوليس ۽ هر باشعور شهريءَ جي ذميواري آهي، پوليو ورڪر قوم جا محسن آهن، کين سموري ملڪ ۾ عزت ۽ احترام ڏنو وڃي.- Advertisement -
