تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئي باب جي شروعات ٿي : وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ سان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي جو رشتو وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ نئين ماڊل تحت اڳتي وڌندا، ڏهه سال اڳ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جي شروعات ٿي هئي، سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي، ٻيو مرحلو بزنس ٽو بزنس، سيڙپڪاري، زراعت ۽ آءِ ٽي جي منصوبن تي ٻڌل هوندو. اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب ٿي. تقريب دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڇهن دستاويزن تي صحيحون ٿيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مواصلات، صنعت ۽ انفرا اسٽرڪچر جي شعبن ۾ ٺاهن تي صحيحون ٿيون. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين راهداري منصوبي تي ڏهه سال اڳ صحيحون ٿيون، سي پيڪ منصوبن جي شروعات ڏهه سال اڳ نواز شريف جي دور ۾ ٿي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ تحت مختلف منصوبن تي 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، سي پيڪ سان پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي جو رشتو وڌيڪ مضبوط ٿيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئي باب جي شروعات ٿي، چيني صدر جي ويزن موجب خطي ۾ ترقي لاءِ خواهشمند آهن. هن چيو ته ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي انتهائي اهم منصوبا آهن، پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ نئين ماڊل تحت اڳتي وڌندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ تحت 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي، ٻيو مرحلو بزنس ٽو بزنس، سيڙپڪاري، زراعت ۽ آءِ ٽي جي منصوبن تي ٻڌل هوندو، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هي دوستي هميشه برقرار رهندي ۽ هن ۾ ڪابه رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون