- Advertisement -
سپريم ڪورٽ، ٽرائل ڪورٽ کي 9 مئي بابت ڪيسن جو چئن مهينن ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ 9 مئي جي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ٻڌڻي کانپوءِ ٽرائل ڪورٽ کي چئن مهينن ۾ ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران هڪ جوابدار جي وڪيل چيو ته چئن مهينن ۾ ٽرائل ڪيئن مڪمل ٿيندو؟، سندن خلاف 35 ڪيس آهن، ايتري گهٽ عرصي ۾ ٽرائل مڪمل نه ٿيندو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏنا ته مردان ۾ مشال خان قتل جو واقعو ٿيو هو، هو ان وقت پشاور هائيڪورٽ ۾ چيف جسٽس هو، مشال خان قتل ڪيس جو ٽن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ٿيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت پرفارم ڪري سگهي ٿي.
پنجاب حڪومت طرفان ضمانت رد ڪرڻ جي درخواستن جي ڪجهه ڪيسن ۾ گذريل ڏينهن به سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي فيصلو ٽن مهينن ۾ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.- Advertisement -
