- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندوخيل منشيات جي سپلاءِ نه روڪڻ تي سرڪاري ادارن مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته منشيات کي بارڊر تي ڇو ناهي روڪيو ويندو؟، اها شهرن تي ڪيئن پهچي ٿي؟.
منشيات ڪيس جي جوابدار جي ضمانت بابت درخواست جي جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي ۽ اَي اين ايف کي جوابدار جا سي سي ٽي وي فٽيج پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته منشيات شهرن تائين آخر پهچندي ڪيئن آهي؟ بارڊر تي منشيات کي ڇو ناهي روڪيو ويندو؟، بارڊر تان هڪ هڪ هزار ڪلوميٽر تائين منشيات اندر ڪيئن ايندي آهي؟، ضياءَ الحق جو ڏنل تحفو آهي، هاڻي هن کي ڀوڳيو.
سندس چوڻ هو ته پنجن ڏهن ڪِلَنِ جو مسئلو ناهي پر ٽَنَنِ جي حساب سان منشيات ايندي آهي، طالبان افغانستان ۾ منشيات جون فيڪٽريون ڪيون ته هتي شروع ٿي ويون، بلوچستان جي ٽن ضلعن ۾ منشيات جو فصل ٿي رهيو آهي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سڀني کي خبر آهي پر ڪوبه ڪارروائي ناهي ڪندو، اي اين اي جو ڪم ڪلو ڪلو منشيات پڪڙڻ نه سپلاءِ ناهن ڪاٽڻ آهي، ننڍي وڏي ڪارروائي ته شهرن ۾ پوليس به ڪندي رهندي آهي.
عدالت ڪوريئر ڪمپني جي مئنيجر جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي روڪي ڇڏي.- Advertisement -
