تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ذتي حيثيت ۾ طلب ڪري ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 5 جوان تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ سينيٽر فيصل واوڊا خلاف پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس فيصل واوڊا جي پريس ڪانفرنس جا تفصيل طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، ايڊيشنل اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان پريس ڪانفرنس ٻڌي آهي؟، توهين عدالت ٿي آهي يا نه؟، ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته کيس جيڪا وڊيو ملي آهي ان جي لاڳاپيل حصي ۾ آواز نه هو، ڪجهه حصو خبرن ۾ ٻڌو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هي پريس ڪانفرنس توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿي؟، ڪو ڪيس جيڪڏهن عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ته ان بابت راءِ ڏئي سگهجي ٿي؟، سندس خلاف هن کان وڌيڪ ڳالهيون ٿيون آهن پر نظر انداز ڪيو. چيف جسٽس چيو ته سندس نظر انداز ڪرڻ جو فائدو وٺندي سوچيو ته هو به تقرير ڪري وٺن پر ڇا اوهان ادارن جي توهين ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا؟. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ادارن کي نشانو بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لڳي ٿو ته سڀ ڪجهه هڪ منصوبا بندي تحت ڪيو ويو آهي، مارشلا هڻندڙن جو ڪڏهن به دفاع نه ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته ذوالفقار ڀٽو کي زنده نه ٿو ڪري سگهجي پر غلطي ته قبول ڪري سگهجي ٿي، ادارن ۾ نقص ٿي سگهي ٿو، ڪنهن جو بار برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هو پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون تي عمل ڪري رهيا آهن، معاشري ۾ گاريون ڏيندڙ شخص سڀ کان وڌيڪ ڪمزور هوندو آهي، مهذب معاشرن ۾ توهين عدالت قانون استعمال نه ٿيندو آهي، جيڪڏهن هن ڪجهه غلط ڪيو آهي ته سزا ٻين ججن کي نه ٿي ڏئي سگهجي. عدالت سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ذتي حيثيت ۾ طلب ڪري ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 5 جوان تائين ملتوي ڪري ڇڏي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
31 %
3kmh
64 %
ڇنڇر
18 °
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون