تازه ترين

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ فيض حميد جي سزا کي تاريخي فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ فيض حميد جي سزا کي تاريخي فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته فيض حميد خلاف ثبوتن جي بنياد تي فيصلو آيو، اڄ ريڊ لائن ڪراس ڪندڙ شخص کي سزا ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته فيض حميد کي ٽرائل ۾ دفاع جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو، کيس موقف ڏنو ويو ته پنهنجو دفاع ڪري ۽ شاهد به پيش ڪري. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته سمورن شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ ۽ ثبوتن کي سامهون آڻڻ کانپوءِ انصاف تي ٻڌل فيصلو آيو آهي، قانون کان ڪير به مٿانهون نه آهي. عطا تارڙ چيو ته ريڊ لائن پار ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، فيض حميد پنهنجي اٿارٽي جو غلط استعمال ڪيو، سياسي معاملن جي وڌيڪ جاچ ٿيندي. هن چيو ته فيض حميد سمورن الزام ۾ ڏوهي قرار نڪتو، ٽاپ سٽي ڪيس ۾ به سزا ٿي، فوج ۾ خود احتسابي جو عمل تمام مضبوط آهي جنهن جو واضح مثال سڀني ڏسي ورتو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته فيض حميد تحريڪ انصاف جو سياسي صلاحڪار به هو، اڄوڪو فيصلو حق ۽ سچ جي فتح آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30 ° C
30 °
30 °
11 %
3.9kmh
75 %
اڱارو
30 °
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون