- Advertisement -
سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو آهي.
ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل چوهاڻ ۾ هٿياربندن اسلم چوهاڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي گهر ڌڻي اسلم چوهاڻ کي قتل ڪيو آهي.
هنن چيو ته اسلم چوهاڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
سندن چوڻ هو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي ظالمن اسلم کي قتل ڪري ظلم جي انتها ڪئي آهي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو قاتلن جي گرفتاري تائين جاري رهندو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اسلم چوهاڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن……
- Advertisement -
