تازه ترين

سڪيورٽي فورسز جو خضدار ۾ آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

- Advertisement -
- Advertisement -

بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ پاڪ فوج 14 کان 15 سيپٽمبر جي وچ واري رات انٽيليجنس اطلاعن تي ڪامياب آپريشن ڪندي ڀارت جي حمايتي 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر موجب اطلاع هئا ته ڀارت جا حمايتي دهشتگرد خضدار جي علائقي ۾ موجود آهن، آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 ڀارتي حمايتي دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا، سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا باروڊ ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن کانپوءِ علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائزيشن جو عمل جاري آهي ته جيئن ڪنهن به لڪيل دهشتگرد کي گرفتار يا ماري سگهجي.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي ادارا ملڪ مان ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن ۽ دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين ڪارروايون جاري رهنديون.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
37 %
3.3kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
29 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون