تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر آصف علي زرداري جي چيني وزيراعظم سان ملاقات، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري، چيني وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. گريٽ هال آف دي پيپلز ۾ ٿيل ملاقات دوران صدر زرداري ۽ چيني وزيراعظم ۾ ٻه طرفي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران پاڪ چين اقتصادي راهدادري جي ٻئي مرحلي تي به ڳالهيون ٿيون. ملاقات ۾ توانائي، سائنس ٽيڪنالاجي، انفرا اسٽرڪچر ۽ زراعت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر آصف علي زرداري ۽ چيني وزيراعظم لي چيانگ وچ ۾ ملاقات دوران بي ٽو بي ۽ خانگي شعبي جي رابطن ذريعي واپار ۽ اقتصادي سهڪار وڌائڻ جي موقعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به صدر آصف علي زرداري سان گڏ هئا. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته هو ترقياتي ايجنڊا لاءِ چين جي مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهن،علاقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سي پيڪ منصوبو اهميت جوڳو آهي، پاڪستان چين سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
12 %
2.6kmh
97 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون