- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري 26هين آئيني ترميم تي صحي ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف 26هين آئيني ترميم پارليامينٽ مان منظوري بعد منظوري لاءِ صدر آصف علي زرداري کي اماڻي هئي.
پارليامينٽ مان منظور ٿيڻ بعد وزيراعظم شهباز شريف آئيني ترميم منظوري لاءِ صدر کي اماڻڻ واري ايڊوائس تي صحي ڪئي.
صدر آصف علي زرداري جي صحي بعد 26هين آئيني ترميم باضابطه آئين جو حصو بڻجي وئي.
صدر آصف علي زرداري جي منظوري بعد 26هين آئيني ترميم جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
26هين آئيني ترميم جو گزٽ نوٽيفڪيشن قومي اسيمبلي طرفان جاري ڪيو ويو، جنهن بعد 26 هين آئيني ترميم بل 2024 ايڪٽ آف پارليامينٽ بڻجي ويو.
گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد 26هين آئيني ترميم لاڳو ٿي وئي.- Advertisement -
