تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر عارف علويءَ تي آئين ٽوڙڻ جا ٻه ڪيس داخل ٿيندا: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صدر عارف علويءَ تي آئين ٽوڙڻ جا ٻه ڪيس داخل ٿيندا، آصف زرداري صدر چونڊجي چئني صوبن جا گورنر پاڻ مقرر ڪندو، هنن ووٽ گهرندڙن کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سني اتحاد ڪائونسل وارن کانئس ووٽ گهريو ئي ناهي، هاڻي هي حڪومت ٺهڻ تي ڪيئن اعتراض ڪري رهيا آهن. اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف زرداريءَ کي  صدر چونڊرايو ويندو، صدر چونڊجي آصف زرداري پاڻ گورنرن جي چونڊ ڪندو. هن چيو ته سياستدان هڪٻئي جي عزت ناهن ڪندا، کين فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي سياست ۾ دائري ۾ رهي سياست ڪن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو چاهن ٿا ته ادارا آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪن، دائري کان ٻاهر وڃي سياست ڪئي ويندي ته 9 مئي جهڙا واقعا ٿيندا. پ پ چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي لاءِ سوچي ها ته هو ڪجهه به ڪري پئي سگهيا، هو حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن ووٽ گهرندڙن کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سني اتحاد ڪائونسل وارن کانئس ووٽ گهريو ئي ناهي، هاڻي هي حڪومت ٺهڻ تي ڪيئن اعتراض ڪري رهيا آهن؟ پ پ چيئرمين چيو ته سني اتحاد ڪائونسل وارن کيس شهبازشريف کي ووٽ نه ڏيڻ جي به درخواست نه ڪئي، هن اڳ به ن ليگ سان گڏ ڪم ڪيو آهي، هاڻي انڪار ڪندو ته عوام جا مسئلا حل ڪيئن ٿيندا؟ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، ن ليگ اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ نه هئي. هن چيو ته صدارت عارف علويءَ جي وس جي ڳالهه ناهي، سندس خيال آهي ته عارف علويءَ تي آئين ٽوڙڻ جا ٻه ڪيس داخل ٿيندا، هڪ بي اعتمادي رٿ وقت آئين ٽوڙڻ ۽ ٻيو آئين موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس نه گهرائڻ جو ڪيس داخل ٿيندو. بلاول ڀٽو زرداير چيو ته ڀٽو ريفرنس تي اهڙو مضبوط فيصلو ڏنو وڃي، جنهن سان هڪ فل اسٽاپ لڳائي سگهجي، سپريم ڪورٽ آئين، قانون ۽ حقيقت جي ڳالهه ڪري ٿي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو جڊيشل ٽرائل نه پر عدالتي قتل ٿيو هو، اميد ته شهيد ذوالفقار ڀٽو کي انصاف ملندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ججن وٽ تيزيءَ سان ثبوت پيش ڪيا پيا وڃن، اميد ته شهيد ڀٽو کي انصاف ملندو ۽ عدالت پاڻ تي لڳل داغ ڌوئيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون