- Advertisement -
صدر مملڪت قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ طلب ڪندي نگران وزيراعظم طرفان موڪليل سمري ۾ نگران وزيراعظم جي لهجي ۽ لڳايل الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ايوان صدر موجب، صدر مملڪت سمريءَ تي صحيح 28 فيبروري تي رات پوڻي ٻارهين وڳي ڪئي.
ايوان صدر مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر مملڪت اجلاس طلب ڪرڻ جي منظوري مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪرڻ جي اميدن سان ڏني.
پڌرائي موجب، صدر عارف علوي نگران وزيراعظم جي لهجي ۽ لڳايل الزامن تي خدشن جوا ظهار ڪندي چيو ته وزيراعظم جي سمري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ جي عين موجب واپس ڪئي وئي، سندس عمل کي جانبدار عمل طور ورتو ويو.
هن چيو ته نگران وزيراعظم جو لهجو افسوس جوڳو آهي، صدر کي عام طور تي سمرين ۾ ايئن مخاطب ڪيو ويندو، نگران وزيراعظم سمري ۾ به قبولڻ جوڳي زبان ۽ بي بنياد الزام لڳايا.
صدر موجب، هن پنهنجي حلف موجب هميشه غير جانبداري جي اصولن کي برقرار رکيو.
پڌرائي موجب، صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته صدر چونڊ عمل ۾ بي ضابطگين ۽ حڪومت سازي کان غافل نٿو ٿي سگھي، اها رياست جي ذميواري آهي ته عوام جي راءِ ۽ مينڊيٽ جو احترام ڪري پر موجود چونڊ عمل ۾ ايئن نه پيو ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته 21 ڏينهن تائين مخصوص سيٽن جو معاملو حل ڪرڻ جي اميد سان اجلاس طلب ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي ٿي.- Advertisement -
