- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته عالمي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار جي ضرورت آهي، تقسيم ۽ طاقت جي ڊوڙ خطي ۽ دنيا لاءِ خطرو آهي.
برسلز ۾ يورپي يونين انڊوپيسفڪ وزارت فورم کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته هٿرادو ذهانت دنيا جو نقشو بدلائي رهي آهي، گڏيل قومن جي اصولن جي پاسداري پاڪستان جي پهرين ترجيح آهي، ڪجهه عنصر خطي جو امن تباهه ڪرڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير جو پرامن ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گھرجي، ڪشمير مسئلي جي حل ٿيڻ تائين ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ٿيڻ ممڪن ناهي.
نائب وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته غزه ۾ ظلمن ۽ فلسطيني زمينن تي قبضا فوري ختم ٿيڻ گھرجن، سي پيڪ ۽ يورپي يونين گلوبل گيٽ وي ذريعي ڊجيٽل ڪوريڊور کي فغال ڪيو وڃي…………..
- Advertisement -
