- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عجيب اعلانن سبب هو پريشان ٿي ويندا آهن، انهن جو ڪهڙو جواب ڏيون؟
ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته کين خبر ناهي ته ماڻهو ٽي وي تي ڏسڻ اچڻ لاءِ وقت ڪيئن ٿا ڪڍن، هو ڪم ٻڌائڻ کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي يقين رکن ٿا.
هن چيو ته شڪر آهي ته وفاقي سرڪار ڪراچيءَ جي ٽنهي اسپتالن کي ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي، بجيٽ هو ڏئي رهيا آهن، ڪنٽرول وفاق جو نه ٿو ٿي سگهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته جناح اسپتال ۾ هر سال سئو بسترن جو اضافو ڪيو پيو وڃي، هو ڳالهيون نه پر ڪم ڪندا آهن.
وڏي وزير چيو ته کيس ماڻهو چوندا آهن ته پنهنجو ڪم ٻڌايو ڇو نٿا، هو کين چوندو آهي ته سڄو ڏينهن پريس ڪانفرنسون ڪندو ته ڪم ڪڏهن ڪندو؟…- Advertisement -
