تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

عوام کي عام واهپي وارين شين سستي اگهه تي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف کنڊ سميت عام واهپي وارين شين جي سستي اگهه تي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي عام واهپي وارين شين سستي اگهه تي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ کنڊ جي سپلاءِ ۽ قيمت جي ڪنٽرول جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، احسن اقبال، احد چيما، راڻا تنوير حسين، علي پرويز ملڪ سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته کنڊ جي سمگلنگ مڪمل ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا ويا آهن ۽ سمگلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام کي عام واهپي وارين شين سستي اگهه تي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته گذريل مهينن ۾ حڪومت کنڊ جي سمگلنگ تي سخت ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن سان  کنڊ سمگلنگ جي خاتمي ۾ مدد ملي. سندس چوڻ هو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون  کنڊ سميت ٻين عام واهپي وارين شين جي سستي اگهه تي فراهمي يقيني بڻائن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته رمضان المبارڪ دوران عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ اضافو برداشت نه ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
20 %
0.7kmh
3 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون