- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته غزه تڪرار ختم ڪرائڻ وڏو چيلينج آهي، اسرائيل-حماس ويڙهه شهرين کي امداد جي فراهمي ۾ رنڊڪ بڻيل آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ امريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته امريڪا امداد جي فراهمي ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي.
ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي وزير غزه جنگ بندي جي ڪوششن لاءِ هلندڙ هفتي تل ابيب پهچندو.
هوڏانهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس به غزه ۾ گڏيل قومن جي اداري يو اين آر ڊبليو اي (اونروا) جي لاءِ فنڊنگ جاري رکڻ جي درخواست ڪئي آهي.- Advertisement -
