- Advertisement -
غزه پٽي ۾ اسرائيلي فوج جي هوائي حملن ۾ 130 فلسطيني شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
فلسطين جي سول ايمرجنسي سروس جو چوڻ آهي ته غزه ۾ سحري وقت اسرائيلي فوج 35 هوائي حملا ڪيا.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، وچ غزه جي دير البلاح ۾ ٽن گهرن کي نشانو بڻايو ويو، خان يونس ۽ رفح ۾ به حملا ڪيا ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب، انهن حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 130 ٿي ويو جن ۾ ٻار به شامل آهن جڏهن ته 150 شهري زخمي به آهن.
اسرائيلي وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته حماس طرفان يرغمالين جي آزادي کان بار بار انڪار ۽ ڏنل سموريون تجويزيون رد ڪرڻ کانپوءِ اسرائيلي فوج کي غزه ۾ حماس خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.
اسرائيلي فوج موجب، غزه ۾ حماس سان تعلق رکندڙ هدفن تي بمباري ڪئي وئي.
ٻئي پاسي اسرائيلي حملن تي فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل کي هڪ طرفي جنگ بندي معاهدي کي ختم ڪري رهيو آهي.
حماس موجب، اسرائيل غزه ۾ شهرين تي ٻيهر شروع ڪري ڇڏيا آهن.- Advertisement -
