- Advertisement -
غزه ۾ فلسطيني مزاحمت ڪارن جي حملن ۾ اسرائيلي فوج جو ڪرنل مارجي ويو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، مارجي ويل ڪرنل احسان دقسا اسرائيلي فوج ۾ 401 آرمرڊ بريگيڊ جو سربراهه هو.
اسرائيلي فوج جي شروعاتي جاچ موجب ڪرنل دقسا ڏکڻ غزه جي علائقي جباليه ۾ ٽينڪ جي ڌماڪيدار مادي جو نشانو بڻيو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، ڪرنل دقسا غزه ۾ مارجي ويل اعلى ترين اسرائيلي فوجي اهلڪارن مان هڪ آهي.
واضح رهي ته غزه ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي هن وقت تائين 42 هزار 603 فلسطيني شهيد ۽ 99 هزار 795 زخمي ٿي چڪا آهن.- Advertisement -
