تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيلي مطالبي تي غزه جنگ بندي معاهدي جي پهرين مرحلي ۾ واڌ کان انڪار ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيلي مطالبي تي غزه جنگ بندي معاهدي جي پهرين مرحلي ۾ واڌ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، حماس جي سينيئر عهديدار جو چوڻ آهي ته حماس جنگ بندي معاهدي جي پهرين مرحلي ۾ واڌ تي راضي ناهي. حماس جي سينيئر عهديدار جو چوڻ هو ته اسرائيلي يرغمالين کي پهرين طئي ٿيل معاهدي تحت مرحليوار آزاد ڪيو وڃي. واضع رهي ته غزه جنگ بندي جو پهريون مرحلو ڇنڇر ڏينهن ختم ٿي ويو هو جنهن کانپوءِ  اسرائيل غزه ۾ کاڌي پيتي سميت هر قسم جي جي سامان جي داخلا روڪي ڇڏي  هئي. اسرائيل جنگ بندي ۾ عارضي واڌ جو به اعلان ڪيو هو، واڌ جي تجويز امريڪا ڏني هئي پر هاڻي اسرائيل يوٽرن وٺندي امدادم کي مڪمل طور روڪي ڇڏيو آهي. اسرائيل امريڪي تجويز جي پهرين مرحلي ۾ واڌ جو اعلان ڪندي سمورن مغوين جي آزادي جو مطالبو ڪيو هو. حماس ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ ۽ مڪمل جنگ بندي تي زور ڏيندي چيو هو ته معاهدي تان ڦرڻ جي نتيجن جي ذميواري اسرائيل تي هوندي. اسرائيل جو چوڻ آهي ته حماس جنگ بندي ۾ واڌ امريڪي منصوبي تي اتفاق ڪري. واضع رهي ته جنگ بندي معاهدي موجب ٻئي مرحلي ۾ رهجي ويل 59 يرغمالين جي آزادي، اسرائيلي فوج جي مڪمل نيڪالي جو خاتمو شامل آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
14.3 ° C
14.3 °
14.3 °
29 %
2.1kmh
5 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون