تازه ترين

قومي اسيمبليءَ ۾ پ پ طرفان لاهور بهاولنگر موٽروي تي 465 ارب رپيه خرچ ڪرڻ تي احتجاج

- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽي طرفان لاهور بهاولنگر موٽر وي تي 465 ارب رپيا خرچ ڪرڻ تي احتجاج ڪيو ويو آهي، پ پ اڳواڻ نويد قمر جو چوڻ هو ته لاهور بهاولنگر موٽروي منصوبي تي 465 ارب رپيا خرچ ڪرڻ تي کين ڳڻتي آهي. وفاقي مالي ادائگين جي ڀڃڪڙي ڪندي لاهور-بهاولنگر موٽر وي منصوبي تي 465 ارب رپيا خرچ ڪرڻ تي ڌيان ڏياريو نوٽيس پيش ڪيو ويو. ڌيان ڏياريو نوٽيس پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد نويد قمر طرفان پيش ڪيو ويو. نويد قمر جو چوڻ هو ته لاهور بهاولنگر موٽروي منصوبي تي 465 ارب رپيا خرچ ڪرڻ تي کين ڳڻتي آهي. مملڪتي وزير ارمغان سبحاني جو چوڻ هو ته پي ايس ڊي پي مان رٿا تي ڪوبه فنڊ خرچ نه پيو ڪيو وڃي. آغا رفيع الله جو چوڻ آهي ته حڪمران بنا صحيح جي آرڊيننس جاري ڪندا آهن. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن نيت ٺيڪ آهي ته وفاقي وزير کي سکر-حيدرآباد موٽروي تي پاليسي بيان ڏيڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو چوڻ هو ته اهي ان معاملي تي احسن اقبال ۽ عليم خان کان راءِ وٺندا. اسپيڪر ڌيان ڏياريو نوٽيس منصوبابندي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو. قومي اسيمبلي ايئرپورٽ تي مسافرن کي آف لوڊ ڪرڻ جي واقعن جي جاچ لاءِ ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. آغا رفيع الله طرفان ايئرپورٽ تي مسافرن کي آف لوڊ ڪرڻ جي معاملي تي ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. آغا رفيع الله طرفان ٺهراءَ ۾ آف لوڊ ڪرڻ جي حوالي سان حڪومتي سڌارن جي سفارش ڪئي وئي. شازيه مري جو چوڻ هو ته ٻاهرين ملڪ ويندڙ پاڪستانين کي آف لوڊ ڪرڻ جي حوالي سان ٺهراءُ منظور ٿيو اهو سٺو سنوڻ آهي. سندس چوڻ هو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته هاڻي ماڻهن ۾ گهڻو خوف آهي ته اهي ڪيئن ٻاهرين ملڪ ڪم سان يا پڙهائي لاءِ وڃن. هن جو چوڻ هو ته ان حوالي سان وفاقي حڪومت کي ايوان ۾ لازمي پاليسي بيان ڏيڻ گهرجي. شازيا مري جو چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ هزارين وڻ ڪٽيا پيا وڃن ۽ ٻئي طرف اسان ماحولياتي گدلاڻ جون شڪايتون ڪندا آهيون. سندس چوڻ هو ته اوهان جيڪو جو سبب ڳوليو پر ان معاملي تي جواب ڏيڻ کان ڇو پاسو ڪيو ويندو آهي، ان معاملي تي قومي اسيمبلي جي ڪائميٽ چينج ڪميٽي کي موڪليو وڃي. ڊپٽي اسپيڪر وڻ ڪٽڻ وارو معاملي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽيز ايڪٽ 1925ع ۾ وڌيڪ ترميم لاءِ بل پيش ڪيو ويو. بل تحت ڪو آپريٽو سوسائٽيز جي جوڙيل ڪميٽين جو مدو 5 سال تائين ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي. حڪومت نجي بل جي مخالفت نه ڪئي، طاهر اقبال طرفان پيش ڪيل بل اسپيڪر لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو. ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل 2025ع تي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. ڪارپوريٽ سماجي ذميداري بل 2025ع تي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ به ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. الائيڊ انسٽيٽيوٽ ملتان بل 2025ع تي تعليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ به ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ۾ نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي ترميمي بل به قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي جو چوڻ هو ته نادرا آفيسن ۾ بزرگن کان عجيب عجيب ڊمانڊ ڪيون وينديون آهن. سندس چوڻ هو ته ڪيترن ئي ماڻهن کان والدين جا ڪاغذ گهريا ويندا آهن، پاڪستان بڻجڻ کان اڳ جا ڪاغذ ڪنهن وٽ هوندا. نور عالم خان جو چوڻ هو ته نادرا سندس سڃاڻپ ڪارڊ ڪينسل ڪري ڇڏيو ۽ چيو غلطي ٿي وئي، منهنجو اڪائونٽ، ڪريڊٽ ڪارڊ سڀ ڪجهه بند ٿي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.2 ° C
8.2 °
8.2 °
29 %
2kmh
6 %
آچر
9 °
سُومر
12 °
اڱارو
12 °
اربع
11 °
خميس
10 °

تازه ترين خبرون