تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

لاهور: گهريلو ملازم نينگريءَ تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ جج جي گهر واريءَ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اسلام آباد جي عدالت گهريلو ملازم نينگريءَ تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ جج جي گهرواريءَ جي ضمانت بابت درخواست رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن بعد پوليس سوميه عاصم کي گرفتار ڪري ورتو.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج فرخ فريد جي عدالت ۾  گهريلو ملازم نينگريءَ تي وحشياڻو تشدد ۾ نامزد سوميه عاصم جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جج فرخ فريد، سوميه عاصم کي روسٽرم تي گهرايو ۽ پڇاڻو ڪيو ته سوميه عاصم خلاف ڪيس جو رڪارڊ ڪٿي آهي؟.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سوميه عاصم جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي پنهنجي بيگناهي جو اظهار ڪيو، رڪارڊ ۾ پوليس لکيو آهي ته نينگري تي سوميه عاصم تشدد ناهي ڪيو، ڇا سوميه عاصم کي جيل اماڻڻ ضروري آهي؟.

پراسيڪيوشن طرفان سوميه عاصم جي ضمانت خارج ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.

جج فرخ فريد چيو ته سوميه عاصم ته هر حال ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي پابند آهي.

سوميه عاصم جي وڪيل چيو ته جاچ آفيسر سمورن رخن تي جاچ ناهي ڪئي ڇا جاچ آفيسر واقعي جي وڊيو حاصل ڪئي؟ جنهن تي جج فرخ فريد چيو ته اڃا تائين دليل ضمانت جي درخواست ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن.

وڪيل چيو ته ڪيس جون پهريون پنج لائنون ئي ڪوڙ تي ٻڌل آهن جنهن تي جج فرخ فريد چيو ته هو هتي ٽرائل لاءِ ناهي ويٺو، صمانت بابت درخواست تي دليل ڏيو.

جج چيو ته ائين ممڪن ناهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ تا؟ين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سوميه عاصم جي ضمانت بابت درخواست رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالتي حڪم بعد پوليس سول جج جي گهرواري سوميه عاصم کي گرفتار ڪري ورتو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.4 ° C
17.4 °
17.4 °
49 %
1.2kmh
100 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون