تازه ترين

مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس طلاق کي زندگي جي سڀ کان وڏي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -

مائيڪرو سافٽ جي باني ۽ دنيا جي امير ترين شخصيتن مان هڪ بل گيٽس طلاق کي زندگي جي سڀ کان وڏي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ بيان ۾  بل گيٽس چيو ته طلاق زندگي جو سڀ کان وڏو پڇتاءُ آهي، طلاق هن ۽ ملينڊا ٻنهي لاءِ ڏک ۽ مشڪل هئي.

سندس چوڻ هو ته اميد هئي شادي ايتري ئي ڪامياب ٿيندي جيتري 45 سال گڏ گذاريندڙ سندس والدين جي هئي.

مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس چيو ته جڏهن ميلنڊا سان ملاقات ٿي هئي ته هو ڪامياب هو پر تمام گهڻو ڪامياب ان وقت ٿيو جڏهن هو گڏ هئا.

واضح رهي ته ميلنڊا پهريان ئي بل گيٽس کان پنهنجي طلاق کي مشڪل ۽ تڪليف ڏيندڙ چئي چڪي آهي.

بل گيٽس ۽ ميلنڊا فرينچ جي شادي جي 27 سالن بعد 2021ع ۾ طلاق ٿي هئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
26 %
2kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون