- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ماضيءَ کي پوئتي ڇڏي اڳتي وڌڻ گهرجي، ماضيءَ ۾ رهڻ سان هو اڳتي وڌي نه سگهندا.
شينزن ۾ پاڪ چائنه بزنس فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي شهبازشريف چيو ته چين جو دورو اهميت وارو آهي، شينزن جي ترقي سندن لاءِ مثال آهي، دنيا کي چين جي ترقيءَ مان سکڻ گهرجي، هن شهر گهٽ مدي ۾ ترقيءَ جون منزلون طئه ڪيو.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ هر قسم جا وسيلا آهن، سڀ کان وڏي طاقت نوجوان آهن، چين ترقيءَ لاءِ مدي خارج طريقيڪار ڇڏي جديد طريقا اختيار ڪيا.
شهبازشريف چيو ته اڄ پاڪستان جي معيشت چين سان ڪو به مقابلو نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهيو آهي.
وزيراعظم چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو ترقيءَ جي ضمانت آهي، چين مختصر وقت ۾ دنيا جي ٻي وڏي معيشت ۽ فوجي طاقت بڻجي ويو.
شهبازشريف چيو ته هو قرض نه پر ڪاروبار ۽ ترقيءَ لاءِ آيو آهي، چين پاڪستان جي هر صوبي ۾ منصوبا لڳايا.
هن چيو ته دهشتگرد حملي ۾ پنجن چيني شهرين جو مارجڻ ڏکوئيندڙ لمحو هو، هاڻي چيني شهرين کي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي.
وزيراعظم چيو ته ماضيءَ کي پوئتي ڇڏي اڳتي وڌڻ گهرجي، ماضيءَ ۾ رهڻ سان هو اڳتي وڌي نه سگهندا.
تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته مهانگائي پاڪستان ۾ وڏو مسئلو آهي، ان ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، معاشي انگ اکر صحيح رخ ڏانهن وڌي رهيا آهن، هلندڙ سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هڪ ارب ڊالر کان گهٽ رهندو.
هن چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي يارهن سيڪڙو تي اچي وئي آهي، عام واهپي جون شيون تيزيءَ سان گهٽ ٿي رهيون آهن، وياج جي شرح واري معاملي تي کين هلندڙ سال ڏسڻو پوندو.
محمد اورنگزيب چيو ته ڪجهه مهينن ۾ پاڪستاني ڪرنسي مستحڪم ٿي، حڪومت جو ڌيان اقتصادي سڌارن تي آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي ۽ معدني وسيلن سميت مختلف شعبن ۾ وڏا موقعا موجود آهن، ايس آءِ ايف سي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائيءَ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ 84 ادارن کي خانگائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
